Wednesday, March 23, 2011
سنڌي ٻولي قومي ٻولي: ستار پيرزادو
جيجل جهولي، ڏئي پئي لولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
استاد بخاري
هن ملڪ يعني پاڪستان کي قائم ٿئي 64 ورهيه ٿيڻ وارا آهن، تنهن هوندي به ڌرتيءَ جي اصل ڌڻين جي ڪنهن به حڪمران اها ڳالهه ٻڌڻ کان ئي انڪار پئي ڪيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪي اٽل صوبا به آهن جيڪي هن ملڪ جا خالق آهن ۽ انهن جي ڪا ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ انهن سان انصاف ڪيو وڃي. هن ملڪ ۾ اها ڪنهن کي پروڙ ناهي ته ملڪ جا 1971 کانپوءِ باقي بچيل صوبا به پنهنجي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي رکن ٿا. ان حد تائين جو انهن صوبن يعني سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختون خواهه جي عوام جي تهذيب ۽ ٻولي مختلف آهي. سندن سوچن ۽ لوچن جو محور پڻ مختلف آهي تنهنڪري انهن جا مفاد به سندن ثقافت ، ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان واڳيل آهن. پر انهن چئن صوبن مان سنڌ صوبو ، جيڪو پاڪستان لاءِ قرارداد به پيش ڪرڻ وارو پهريون صوبو هو، ان صوبي جي ٻولي ٻين ٽن صوبن جي ٻولين کان سؤ سيڪڙو وڌيڪ شاهوڪار آهي. ان حد تائين جو 1947ع کان اڳ سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ ڪورٽ جي ٻولي جي حثيت رکندي هئي جنهن لاءِ سر بارٽل فريئر جا سنڌي اڄ تائين به ٿورائتا رهندا آهن
اڄڪلهه جڏهن ته پاڪستان ۾ پ پ پ حڪومت آهي، جنهن کي اڪثر سنڌي عوام جي حمايت حاصل رهي آهي، ان حڪومت جي وفاق ۾ ڪيترا ئي سنڌي ڳالهائيندڙ وزير، مشير ۽ اسمبلي ميمبر موجود هئڻ جي باوجود به وفاقي حڪومت جي اسمبليءَ ۾ نه صرف سنڌي ٻولي پر ان سان گڏ ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ڇهن ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي لاءِ محترمه مارئي ميمڻ، يوسف ٽالپر، ظفرعلي شاهه ۽ ڪجھ ٻين ميمبرن ٻيو ڀيرو بل پيش ڪيو ته وفاقي حڪومت جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين نسيم اختر چوڌري جيڪا پنجاب مان پيپلز پارٽيءَ جي ميمبر آهي ان ۽ ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن جن جو واسطو پ پ پ ۽ ايم قيو ايم سان هو انهن بل تي نه صرف غور۽ بحث جي اجازت نه ڏني پر اهو چئي بل رد ڪري ڇڏيو ته ، اهو بل ملڪ دشمن آهي ۽ پهرين به رد ٿي چڪو آهي ته پوءِ ان کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. بل کي قبول نه ٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي وري ان تي عمل ڪري سگھجي ٿو. پر ان جو ڪو به مثال نه ڏنو ويو آهي ته ان تي عمل ڇو نه ٿو ڪري سگھجي
· ان مان ته ائين ٿو لڳي ته نسيم چوڌري ايم ڪيو ايم وارن جي ونگار پئي وهي ۽ پنهنجي پنجابي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي قرار ڏيارڻ تان هٿ کنيو جو ان جو في الحال فائدو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عوام کي ملي سگھي ٿو پر اڳتي هلي پنجابي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه پڻ ٿيندي پر حيرت ته پ پ پ پنجاب جا ٻالڪا سنڌ جي پ پ پ جي ٻالڪن سان سهمت ناهن پر هو سدائين پنهنجي فرسوده سوچ جا حامي رهيا آهن ۽ سنڌ جي وفاقي اسمبلي ۽ سينيٽ جي سنڌي ميمبرن جي پڻ ڀرپور مخالفت ڪندا رهندا آهن. ايم ڪيو ايم جو ته اصل کان سنڌ دشمن رويو عالم ۾ پڌري پٽ وائکو ٿيل آهي پر پ پ پ وارن جي پاران ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ستن وڏين ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ۾ ڪهڙي ملڪ دشمني آهي؟ جنهن جي جواب ۾ ڪو به دليل نه صرف اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين چوڌري نسيم اختر ڏئي سگھي ٿي نه ن ليگ جا ميمبر نه ئي پ پ پ يا ايم قيو ايم جا ميمبر
· رهيو سوال ته قائدِ اعظم محمد علي جناح جي پاران ڪيل هڪ غلطي سا به هند جي انهن ويجھن دوستن کي خوش ڪرڻ لاءِ هن اردو ٻولي قومي ٻولي قرار ڏني هئي. ان تي اڄ تائين ڳنڍ ٻڌي بيهي رهڻ ڇا جي لاءِ آهي؟ منهنجو سوال هي آهي ته هاڻ جڏهن قائدِ اعظم محمد علي جناح جي چيل ٻين ڪهڙين ٻولاچارين تي هو ڳنڍ ڏئي بيٺا آهن؟ پاڪستان جو آباديءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو بنگال ڪنهن جي ڪري ڌار ٿيو؟ ڇاجي ڪري؟ 1970 کان اڳ پاڪستاني نوٽن تي بنگالي ٻولي به لکي ويندي هئي. ۽ نيٺ قائد اعظم جي ڳالھ کي رد ڪندي بنگاليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو هو. بنگال کي ڌار ڪرڻ کان پوءِ اڄ بنگال ڪٿي بيٺو آهي. جنهن جي لاءِ انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه عام هوندي هئي ته بنگال جي عوام کي ته اولهه پاڪستان وارا پالي رهيا آهن، هاڻ بنگال نه صرف پاڻ پلجي رهيو آهي پر سندس ڪرنسي ٽڪو اسان جي رپئي کان ڪيترو مٿي آهي ۽ هاڻ اهو بنگال کي کارائيندر پاڪستان قرض ۾ ڪيترو ٻڏل آهي؟ ڇاڪاڻ ته هي پاڪستان ته قائدِ اعظم وارو پاڪستان ته رهيو ناهي. قائدِ اعظم جي پاڪستان جو روح ملڪ مان 1970 ۾ ئي پرواز ڪري ويو
اسان سنڌ وارن ازل کان اياز
ڪنهين لاءِ مندي سمائي نه من
ٻولين جو اهڙو ساڳيو مسئلو هندوستان سان پڻ لاڳو آهي پر انهن آزادي ماڻڻ کان پوءِ ٻولين جو مسئلو حل ڪري گھڻ قومي ۽ گھڻ ٻولين وارن ملڪن لاءِ مثال بڻائي ڇڏيو
· اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ ۽ پنجاب جي سول ۽ مليٽري آفيسر شاهي سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ناهن. پنجاب جي ماڻهن جي رويي جو سبب هي به ٿي سگھي ٿو ته هنن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ سان بنهه دلچسپي ناهي
· ملڪ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ عوام جوتعداد 2008 جي آدمشماريءَ مطابق ڀل کڻي 15 سيڪڙويا هاڻ کڻي 16سيڪڙو هجي، تنهن هوندي به سنڌي ٻولي صدين کان نه صرف لکبي، ڳالهائبي ۽ پڙهبي رهي آهي، هن ٻوليءَ ۾ نه صرف سنڌ ۾ پر ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۾ Ph.D جي ڊگريءَ تائين پاڙهي ٿي وڃي. هن وقت سنڌ يا ملڪ ۾ ٻولين جي لحاظ کان جيترا ماهر سنڌي ٻوليءَ ۾ Ph.D ٿيل آهن اوترا شايد ئي پنجابي، سرائڪي، پشتو، بلوچي، براهوي ۽ هندڪو ٻولين جا هوندا
· هاڻ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ءَ طور سڀ کان وڏو اعتراض اردو دان طبقي کي آهي، جيڪو ملڪ جي آدمشماريءَ جو فقط 8 سيڪڙو تعداد آهي جيڪو پڻ گھٽ به ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ جو 2008 ۾ اردو ڳالهائيندڙ طبقي ايم ڪيو ايم حڪومت جو حصو هئي ۽ اها ڪنهن به حالت ۾ اثر انداز ٿيندي پئي آئي آهي. جيڪا ڳالهه ڪيترا ئي ملڪي ماڻهو ۽ ڳڻپ وارن ادارن جا آفيسر تسليم ڪري چڪا آهن جنهن جو وڏو مثال اپريل 2011 ۾ ٿيل گھر ڳڻپ کان پوءِ سامهون آيو. هنن جي سوچ ۽ ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هو سنڌ جا فاتح آهن. جيڪي پناهگير طور هند جي مختلف پرڳڻن مان لٽجي ڦٽجي آيا هئا ۽ سندن وڏڙن کي اهو به ياد هوندو ته 47 ۾ جڏهن ريل گاڏين ۾ ايندڙ انهن پناهگيرن کي پنجاب جي ڪنهن به ريلوي اسٽيشن تي اهو چئي لهڻ نه ڏنو ويندو هوته پاڪستان اڳتي آهي ۽ ملڪ جي ڏاکڻي طرف ڪراچي ئي ريل گاڏيءَ جي آخري منزل هئي ۽ اڄ تائين به آهي. کين قائدِ اعظم جي اهائي ڳالهه وڻي هئي ۽ ان تي ڳنڍ ٻڌيو بيٺا آهن ته اردو هن ملڪ جي قومي ٻولي هوندي ۽ ڪڏهن ته اهو به چوندي ٻڌا ويا آهن ته اردو ٻوليءَ جي مخالفت معنيٰ پاڪستان جي مخالفت آهي يا اسلام جي خلاف آهي جنهن جا ڪيترا ئي شاهد اڄ به موجود آهن
· سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ باقي ملڪ ۾ ڳالهائندڙ سمورين ٻولين کي پنهنجو ڪو خاطر خواهه رسم الخط آهي ئي ڪونه ۽ نه ئي وري هنن وٽ ڪو عالمي سطح جو ادب ئي آهي نه سندن ٻوليءَ جا ڪي وڏا ماهر ئي آهن. انهيءَ خوف کان پنجابي، پشتون ، ۽ بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي بلوچ ذاتيون مستقل رهائش پذير آهن ۽ اهي لکن، پڙهن ۽ ڳالهائن سنڌي ٿا. مون کي اها به ڄاڻ آهي ته بلوچي قوم جا ڪيترا ئي سردار سڳورا سنڌي ڳالهائيندا ۽ پڙهندا آهن. حيرت ته سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙن تي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جو 90 سيڪڙو سنڌي هجڻ جي باوجود اردو رسم الخط ۾ لکندا آهن
آخري ڳالهه اها آهي ته قومي اسمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جا ڪهڙا ميمبر آهن جيڪي ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ مڙني ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي لاءَ مسئلن جي وڌڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن؟ جڏهن ته انهن مان ڪنهن به هڪڙي ميمبر ڪنهن به هڪڙي مسئلي جي نشاندهي نه ڪئي آهي. اڃان به کڻي ائين چئجي ته انهن مانوارن ميمبرن مان ڪيترا ٻولين جا ماهر آهن؟ ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي ملڪي ترقيءَ جي مددگار ثابت ٿيندي آهي يا تنزليءَ جي؟ ان جو جواب اهي سڀ ميمبر حضرات ڏئي سگھن ٿا؟ يا اها فقط سنڌ ۽ سنڌي ٻولي دشمني ئي ڄاتي وڃي؟
واڪا ڪرڻ مون وسِ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
Monday, February 28, 2011
ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي:سڃاهه وند
ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي:سڃاهه وند
حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اديبن، شاعرن، ساڃاهه وند سياسي ۽ سماجي قومپرست اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي سميت ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جلد ئي اقتدار ڌڻين جي اسلام آباد وارن ايوانن سامهون احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. ڪالهه سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي اولڊ ڪيمپس کان نڪتي جيڪا حيدرآباد پريس ڪلب وٽ پهچي جلسي واري صورت اختيار ڪري وئي، ريلي ۾ اديبن، دانشورن، سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،
جيڪي سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ نعريٰ هڻي رهيا هئا. پريس ڪلب سامهون جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌي ٻولي جو مسئلو قومي مسئلو آهي، سنڌي قوم پنهنجي وجود، ثقافت ۽ ٻولي جي بقا لاءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي. سنڌ سيو موومينٽ جي چيئرمين سيد شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌي ادبي سنگت 0 6 9 1 ع جي ڏهاڪي ۾ تحريڪ هلائي ون يونٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، اڄ ان سنڌي ٻولي لاءِ تحريڪ شروع ڪئي آهي، جيڪا پنهنجو مقصد ماڻي انجام تائين ضرور پهچندي ۽ سنڌي ٻولي صرف سنڌ جي نه پر ملڪ جي قومي ٻولي هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن ٻولين وارو بل اسيمبلي مان پاس نه ڪرايو ته عوام جي حمايت سان کين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ايس ٽي پي جي اڳواڻ مظفر ڪلهوڙو چيو ته سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتون ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ حڪمرانن جي ايوانن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سيد عالم شاهه چيو ته سنڌي عوام مطالبو نه پر فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، جيڪڏهن حڪمرانن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏياريو ته سنڌي ٻولي جي ذريعي حڪمرانن کي شڪست ڏني ويندي ۽ سنڌي ٻولي جي ٽڪيٽ رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي چونڊن ۾ عوام ڪامياب ڪندو. عوامي جمهوري پارٽي جي چيئرمين ابرار قاضي چيو ته پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي عوام کي خواهش هئي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ملندي، پر رياست مسلسل ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪيو وڃي. ريلي ۾ جسقم اڳواڻ مسرور ٿيٻو، جسمم اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال خان، جسقم اڳواڻ سرور سهتو، قاسم آباد ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ محبوب ابڙو، فضل قادر ميمڻ، دليپ دولتاني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
Saturday, February 26, 2011
سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ
سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي ته 38 سال گذرڻ باوجود سرڪاري ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڪرڻ واري قانون تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو آهي. عدالت اِهو حڪم اقبال ڪاظمي نالي شهري جي درخواست تي جاري ڪيو آهي. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 251 موجب پاڪستان جي قومي ٻولي اردو آهي ۽ ان سان صوبا علائقائي ٻولي پڻ ڪتب آڻي سگهندا آهن.
عرضدار موجب سال 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي کي لازمي طئي ڪرڻ وارو قانون پاس ڪيو هو جنهن تي گورنر صحي ڪئي ۽ سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس طفيل ايڇ ابراهيم جي اڳواڻي ۾ بئنچ جي سامهون اڱاري تي ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عرضدار اقبال ڪاظمي عدالت کي ٻڌايو آهي ته هُن ايڪٽ موجب سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ نوڪري جي لاءِ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ لازمي آهي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪم جاري ڪيو وڃي.
عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ميران محمد شاهه کان پڇيو ته ڇا سنڌي ٻولي ايڪٽ تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي جنهن جو جواب داخل ڪرڻ جي لاءِ ان وقت گهريو. عدالت کيس چئن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ميران محمد شاهه ٻڌايو آهي ته سنڌ ٻولي ايڪٽ جي شيڊول موجب قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ سنڌي ٻولي کي 4 هين ڪلاس کان 12 هين ڪلاس تائين لازمي ڪرڻو هو. سندس موجب هن تعليم واري سيڪيٽري کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته ان قانون تي عمل ٿيو آهي يا نه ۽ چيف سيڪيٽري پاليسي ٺاهڻ وارو آهي ان کان راءِ طلب ڪئي وئي آهي ۽ ان به وقت گهريو آهي.
1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ جڏهن سندس سؤٽ ممتاز ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن سنڌي ٻولي کي صوبائي حڪومت جي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو هو. جنهن تي هڪ اردو اخبار ۾ ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“ جي عنوان سان ڪالم شايع ٿيو جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ لساني وڳوڙ شروع ٿيا ويا هئا ۽ ڪيترا ئي ماڻهون ناحق مارجي ويا هئا.
سياسي تجزيه نگار جي اين مغل موجب ان صورتحال کانپوءِ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو اردو سنڌي دانشورن کي اسلام آباد گهرايو هو. سنڌي وفد جي اڳواڻي شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ڪري رهيا هئا جڏهن ته اردو اديب رئيس امروهي جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي جن سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي مان ترميمي قانون پاس ڪيو ويو جنهن کي سنڌي ٻولي ايڪٽ ٽو چئبو آهي.
جي اين مغل چيو آهي ته ڳالهين ۾ اِهو طئي ڪيو ويو هو ته اردو ٻولي سان ڪجهه نه ڪيو ويندو. اردو ٻولي سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي به لازمي مضمون جي طور تي پڙهائي ويندي ۽ صوبي جي سرڪاري ٻولي سنڌي هوندي. پر ڀٽو جو حڪومتي دور ختم ٿيڻ کانپوءِ ان تي عمل نه ڪيو ويو.
سنڌ ۾ قومپرستن جو پراڻو مطالبو آهي ته سنڌي کي سرڪاري ٻولي جي طور تي لاڳو ڪيو وڃي. هلندڙ سال 17 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو ته سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ٻولي جي طور تيپڙهايو ويندو.
( Courtesy Shia Dost Forum)
هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ٻولي لازمي طئي ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪندڙ اقبال ڪاظمي 12 مئي واري سانحي جي درخواست پڻ داخل ڪري چُڪو آهي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته جيڪا معاملا ۽ وڳوڙ آهن انهن جي لاءِ هُن عدالت جو در کڙڪائڻ ضروري ڇو سمجهيو ته اقبال ڪاظمي چيو ته 70 واري ڏهاڪي ۾ لسانيت جو لاڙو هوندو هو پر هاڻي قوم هڪ آهي. سندس موجب اسانجي حڪومت قانون تي عمل ڪونه ڪري سگهي آهي انڪري هن عدالت جو در کڙڪايو آهي.
Monday, February 21, 2011
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو
اسان جي سنڏي قوم هڪ قديم قوم آهي جنهن جي پنهنجي ٻولي ثقافت زندگيءَ جي رهڻ سهڻ جا پنهنجا طور طريقا آهن سنڌي قوم سان گڏ انهن جي ٻولي به قديم ٻولي آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو بل رد ڪيو ويو آهي هن بل جي جن مخالفت ڪئي انهن سڀني کي سنڌ واسين ٽي وي چينلن تي ڏٺو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوندو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي هئڻ جو درجو هئڻ گھرجي ڇو جو اها سنڌ واسين جي پياري ٻولي آهي جنهن شاهه لطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، مصري شاهه شيخ اياز نياز همايوني يوسف شاهين وغيره جھڙا شاعي اديب آهن سنڌي ٻولي رڳو سنڌ ۾ نٿي ڳالهائي وڃي پر پوري دنيا ۾ جتي به سنڌي آهن اتي ڳالهائي وڃي ٿي . جيئن ته سنڌي ٻولي لطيف جي ٻولي آهي هر سنڌ واسي جي ٻولي آهي ان کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي هن وقت جيڪي خانگي اسڪول آهن انهن ۾ ڪافي اهڙا اسڪول آهن جتي سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي جڏهن ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو قانون پاس ٿيل آهي سنڌي ٻولي جي لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا آهن پر سنڌي ٻولي اڄ به قائم ۽ دائم آهي اها سدائين قائم رهندي جيستائين سنڌي آهن سنڌي ٻولي جي جيون لاءِ اسان جي سنڌي جوڌن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن سنڌي ۾ ووٽر لسٽ ڇپايو ۽ ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي انهن ۾ سنڌين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌي ٻولي جي ترقي جو دور سمن ۽ ڪلهوڙن جي دور کي چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪئي ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌي ٻولي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا سنڌي ٻولي جي جاءِ تي فارسي کي رائج ڪيو ويو پر وري به سنڌي ٻولي سوڀاري ٿي اڄ به سنڌي ٻولي قائم ۽ دائم آهي جيئن ته اردو رابطي جي ٻولي آهي جيڪا مختلف ٻولين جي ملڻ سان ٺهي آهي سنڌ صوبي جي قومي ٻولي سنڌي آهي اسان جي سنڌي ٻولي کي جيڪا انگريز جي دور ۾ ترقي ملي اها ٻي ڪنهن دور ۾ نه ملي ان وقت جي ڪمشنر اهو حڪم صادر ڪيو ته سنڌي ٻولي سکو ڳالهايو سنڌي ٻولي پڙهو باقاعده هنن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي جو درجو ڏنو سنڌي ٻولي جي رسم الخط ٺاهي . تازو روزاني ڪاوش ۾ هڪ مضمون مون پڙهيو جيڪو معلوماتي هو اهو هتي آئون ڪاوش جي ٿورن سان ڏيئي رهيو آهيان جيڪو بدين جي محمد خان سمون لکيو آهي جيئن اسان جي سنڌين جي علم ۾ اضافو ٿئي اٺين صدي عيسوي ۾ سياح عالم اچاريا ادوتن سورا شٽر جي درٻار مان سنڌ ۽ سنڌي زبان جي تحقيق لاءِ سنڌ ۾ آيو هن ڪوليا مالها ڪٿا ۾ سنڌ ۽ سنڌي شاعرن جي ساراهه ڪئي منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباري جي زماني ۾ هڪ عرب عالم جيڪو پڻ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو هو تنهن پهريون دفعو قرآن شريف جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو سومرا دور ۾ عربي سان گڏ سنڌي ٻولي کي سڳتي وڌڻ جو موقعو مليو مسلمان سنڌي عالم عربي سان گڏ سنڌي به لکندا هئا پير صدرالدين جيڪو ايران جو هو جنهن سنڌي ٻولي جي الف ب ٺاهي جنهن ۾ چاليهه اکر هئا جنهن کي چاليهه اکري چئجي ٿو يارهين ٻارهين صدي ۾ ڍٽي جي عالم مخدوم ابو الحسن سنڌي کي رسم الخط ڏني جنهن کي ابو الحسن واري سنڌي چئجي ٿو 1843 ع انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو 1851ع ۾ تڏهن سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئير هڪ سرڪاري حڪم ذريعي سڀني آفيسرن کي سنڌي سکڻ ۽ اهڙو امتحان پاس ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو هڪ مقرره رسم الخط ضرور سمجھي ويئي جنهن جي لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنهن 1853ع ۾ موجوده سنڌي جي رسم الخط تيار ڪئي 29 آگست 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر هڪ حڪم نامو جاري ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي قرار ڏنو اهو به حڪم صادر ڪيو ته جيڪڏهن ڪو فارسي ۾ درخواست لکي ته ان سان گڏ ان جو متن سنڌي ۾ لکي 1882ع ۾ تعليم کاتي جي طرفان هڪ سنڌي اخبار جاري ڪئي ويئي 1942ع ان دور جي حڪومت سنڌي ٻولي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو جنهن جو نالو بورڊ آف ايڊوانسمينٽ آف سنڌي لٽريچر هو جو بنياد رکيو جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ نالي سان سڃاتو ويو جيڪي هتي انگريز هئا انهن سنڌي ٻولي جي حيثيت کي سڃاتو ان کي دفتري ٻولي طور رائجھ ڪيو اڄ سنڌي ٻولي اها حيثيت نه آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي اسان چئون ٿا سنڌي ٻولي سان گڏ پشتو سرائيڪي پنجابي ۽ بلوچي کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي بشڪريه روزاني ڪاوش حيدرآباد پهرين فيبروري 2011ع اسان کي مثي ڏنل مضمون مان اها خبر پوي ٿي انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت هئي اڄ جڌهن صوبي ۽ وفاق ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي ته پوءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نٿو ڏنو وڃي اسان کي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي اسان اها گھر ڪيون ٿا ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي اها دفترن ۾ رائج ڪئي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي پڙهايو وڃي جيڪي اسڪول نٿا پڙهائين ته انهن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌي ٻولي جي مضمون کي اسڪولن جي اندر پڙهائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جيڪا سنڌي ادبي سنگت جدوجهد ڪئي اها ڪنهن کان لڪل نه آهي اسان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي: خادم گھراڻو
Tuesday, February 15, 2011
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
قومي ٻولي جو مسئلو پاڪستان ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شروع ٿيو هو، جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ جذباتي ڏي وٺ کان پوءِ ڪانگريس اهو اعلان ڪيو هو ته اسان جو ملڪ جدا ٿيڻ کان پوءِ ڀارت جي قومي ٻولي ”هندي“ ٿيندي ۽ قائداعظم ان وقت اهو سياسي بيان ڏنو هو ته پاڪستان قائم ٿيو ته ان جي قومي ٻولي ”اردو“ ٿيندي. قائداعظم جي ان وقت تصور ۾ به ڪو نه هو ته ڪو ايترا ماڻهو پاڪستان ۾ اردو ڳالهائڻ وارا ويندا جو اتي ٻولي اردو ڳالهائي ويندي. هي هڪ سياسي بيان هو جنهن جي ڪابه اهميت ڪانه هئي ۽ پوءِ اهو هڪڙو اتفاق ٿيو جو بنا ڪنهن اصول جي بنا ڪنهن طئي ٿيل معاملي جي، اردو ڳالهائڻ وارا وڏي تعداد ۾ هتي ڪاهي آيا ۽ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. 1940ع جي ٺهراءَ ۾ اهو چيو ويو هو ته جيڪي به مسلم اڪثريت جا علائقا پاڪستان ۾ شامل ٿيندا اهي خود مختيار رياستون هونديون. جڏهن خودمختيار رياستن وارو اهو ٺهراءُ عمل ۾ اچي ها ته جيڪي به هن وقت صوبا آهن پاڪستان ۾ انهن جون ٻوليون به خود به خود قومي ٻوليون بڻجن ها. ڇاڪاڻ ته انهن سمورن صوبن ۾ رهندڙ ماڻهو قوم هجن ها.
خودمختيار رياستون هجن ها ته اهي قوم هجن ها، قومي ٻولي قوم جي ئي ٿيندي آهي جيڪا قوم آهي ان جي ٻولي از خود قومي ٻولي آهي، پر پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٻه قومي نظريو ٻڌايو ويو. يعنيٰ ٻه قومون هڪڙي هندو قوم ۽ ٻي مسلمان قوم ۽ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته انهن چيو ته هي ملڪ مسلمان قوم جو آهي تنهن جي ڪري هيءَ هڪڙي قوم آهي ۽ هندو ٻي قوم آهي. پاڪستان ۾هڪڙي قوم آهي تنهن جي ڪري انهن جي قومي ٻولي هڪ ٿيندي. اڄ تائين اهو اصول سڀني آئينن ۾ رهندو ٿو اچي ته پاڪستان هڪڙي قوم آهي هڪڙي قوم جو ملڪ آهي تنهن ڪري هڪڙي قوم جي ٻولي هڪڙي ٿيندي جيڪا اردو آهي، جنهن کي انهن تسليم ڪيو. 1973ع جي آئين ۾ به ايئن ئي چيل آهي ته اردو ٻولي قومي ٻولي آهي. انهيءَ جي ڪري اها بنيادي طور هڪڙي غلطي ٿيندي اچي پئي ۽ قومي ٻولين جو جيڪو مسئلو آهي سو انهيءَ ڪري حل نه ٿي سگهيو آهي. اوهان کي اها خبر آهي ته اسان جي نياڻي ماروي ميمڻ اسان جو هيرو يوسف ٽالپر ۽ غوث بخش مهر جن سنڌ اسيمبلي ۾ بل آندو آهي.
اسان جي خالد محمود سومري سينيٽ ۾ بل آندو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته اهو اسان جو بل منظور ٿيندو، ان کي منظور ٿيڻ لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کپي پنجاب انهي ڪري مخالفت ڪندو ان جا ميمبر اسان کي ووٽ نه ڏيندا جو انهن کي سرائڪي ٻولي ۽ سرائڪي صوبي جو ڊپ آهي ڇو ته سرائڪي ٻولي قومي ٻولي ٿي سگهي ٿي ۽ سرائڪي صوبو به ٺهي سگهي ٿو، تنهن بعد اردو وارا مهاجر انهي ڪري ووٽ نه ڏيندا جو انهن جي ٻولي قومي ٻولي مڃيل آهي ۽ انهن جي هڪ هٽي آهي تنهن جي ڪري هو نه رڳو ووٽ نه ڏيندا پر ڪجهه وقت پوءِ اوهان ڏسندا ته ان جي ميڊيا سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي ڪيئن دليل ڏيندا، منطق پيش ڪندا ۽ هر قسم جي مخالفت جو منهن ڏسڻو پوندو.
بلوچستان ۽ سرحد جي پوزيشن اها آهي جو اوهان ڏٺو هوندو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته ارسا جو جيڪو اجلاس ٿيو ان ۾ سنڌو ندي جي پاڻي جي ورڇ تي ۽ ڪالاباغ ڊيم تي جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته سرحد وارا ۽ بلوچستان وارا خاموش رهيا. انهن اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي اها آهي پوزيشن. ڇا ان بل تي ووٽ ملندا. ان لاءِ اسان کي ووٽ گهرجن.
هاڻي اچون ٿا پيپلز پارٽي تي پيپلز پارٽي جو هڪڙو 1973ع جو قانون شهيد بينظير ڀٽو قائد جو تنهن ۾ اها شيءِ لکيل آهي/درج ٿيل آهي ته اردو قومي ٻولي آهي، تنهن کان پوءِ انهن جي پاليسي مفاهمت جي آهي، هنن جي پاليسي رهندي ۽ ان ڪري پيپلز پارٽي وارا به ووٽ نه ڏيندا. تنهن جي ڪري دوستو اها اميد نه رکو ته اوهان جو بل سينيٽ ۾ يا قومي اسيمبلي ۾ پاس ٿيندو.
57-1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو مسئلو اٿاريو هو ۽ تڏهن کان وٺي اهو معاملو هلندو ٿو اچي تنهن جي ڪري آئون مايوسي واري ڳالهه ڪونه ٿو ڪيان منهنجو اهو ايمان آهي. اسين قوم آهيون پختون به قوم آهي بلوچ ۽ پنجابي به قوم آهن. انهن جون ٻوليون به قومي زبانون آهن. فقط تسليم ڪرڻ جو معاملو آهي ته اهو ڪڏهن به تسليم نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته اسين پاڪستان رهون ٿا، جتي ڪوبه قائدو قانون ڪونه ٿيندو آهي ڪابه آئين جي پوئواري ڪانه ٿيندي آهي. ڪنهن به بحث مباحثي جي ضرورت ڪانهي فقط اهو آهي ته پاڪستان گهڻ قومي رياست ناهي، پر هڪڙي قوم رهي ٿي، هتي سڀ مسلمان قوم آهي. پاڪستان جي قوم هڪڙي آهي. ٻولي اسان جي هڪڙي آهي اسان جو ڪنهن ٻولي سان وير ڪونهي پر جيڪا ٻولي ٻين ٻولين جو استحصال ڪري اها ٻولي جيڪا آهي تنهن سان اسين تصادم ۾ اچي سگهون ٿا. بشرط اسان ۾ سگهه هجي پر اسان ۾ اها سگهه ناهي. ڳالهيون ته اسان ڪيون ٿا پر اڄ تائين اسان ڪابه پلاننگ ناهي ڪئي ۽ ڪا سگهه به نه آهي ته پوءِ اسان اهڙي ڳالهه ڇو ڪريون. جيڪا شيءِ ممڪن ئي ناهي اها ڪهڙي نموني سان ٿئي؟
ان تي ته ڪير سوچي ڪونه ٿو، جيڪڏهن فقط اسان چئون ته هيئن ٿئي، سو اسان جي خواهشن سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ پنهنجي طرفان جاڳرتا ڪري رهي آهي جيڪو تمام سٺو عمل آهي. کيس کيرون لهڻي جو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي ساڻ ڪانفرنسون، گڏجاڻيون ڪري رهي آهي ڪوشش ڪرڻ به سٺو عمل آهي. ان کان سواءِ سينيٽر خالد محمود سومري، يوسف ٽالپر، ادي ماروي ميمڻ ۽ غوث بخش مهر کي به شاباس هجي جو انهن آواز اٿاريو ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم جاڳي جدوجهد ڪري پنهنجا حق حاصل ڪري. ٻي صورت ۾ پوءِ وقت ويندو نڪري ۽ پوءِ ويلُ وقت واپس ناهي ايندو.
نور محمد خاصخيلي
(Courtesy: Awami Awaz)
Sunday, January 30, 2011
سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ جي واکاڻ، مسودي ۾ بهتري آڻڻ جي صلاح
سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ بابت قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ٿيڻ جي واکاڻ، مسودي ۾ بهتري آڻڻ جي صلاح
حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو۔۔۔۔۔۔۔ عوامي آواز ) سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ محققن، قومي اسيمبلي ميمبرن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پيش ڪيل بل جي ساراهه ڪندي بل جي مسودي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي زور ڀريو آهي ۽ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين کي گهرجي ته ٻولي جهڙي معاملي تي متفقه لائحه عمل تيار ڪري گڏيل جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪن ته جيئن صدين کان شاهڪار تهذيب جي مالڪ سنڌي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ اعليٰ ايوانن تائين آواز اٿاري سگهجي. ڪالهه ثقافت کاتي پاران سنڌي لينگويج اٿارٽِي جي هال ۾ ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، ڪيس “جي عنوان هيٺ ڪوٺايل مذاڪري کي خطاب ڪندي ، نامور محقق ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو، ٻولي بابت پيش ڪيل بل کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته بل ۾ ملڪ جي سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان مادري ٻولين بدران پاڪستان ۾ شامل سمورن آئيني يونٽن جي زبانن کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ آواز اٿاريون. هن چيو ته مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ يا نه ڏيڻ سان سنڌ لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿيندا، بل پاس ٿيڻ سان سنڌ ۾ ٻاهرين ٻولين کي شراڪت ملندي ۽ بل پاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو اصل ڪيس متاثر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان ۾ ٻولي ڪميشن قائم ڪري هڪ جامع اڀياس ڪيو ويو، جنهن بعد اتان جي سمورين ٻولين جي درجه بندي جو فيصلو ڪيو ويو، پر پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي ڪميشن تيار نه ڪري اردو ٻولي کي سمورين قومن تي اوليت ڏني وئي. هن چيو ته سنڌ جو قوم پرAست موقف آهي ته پاڪستان ۾ شامل سمورن آئيني علائقن جي زبانن کي قومي درجو ڏنو وڃي، جنهن تي عمل نه ٿيڻ سان علائقن جي تهذيب ۽ ثقافت جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته خانگي ميمبرن طرفان قومي اسيمبلي ۾ اهڙو بل پيش ڪرڻ مثبت قدم آهي پر سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ان مسئلي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته سنڌ ۾ سياست ڪندڙ سمورين پارٽين متحده قومي موومينٽ، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين کي ان معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪرڻو پوندو ۽ گڏجي آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن سنڌي ٻولي جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ٻولي جو معاملو اڃان تائين اڌورو رهڻ گهڻي وقت کان اقتدار ۾ رهندڙ هتان جي سياسي پارٽين لاءِ سوال بڻيل آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ هڪ مثبت قدم آهي پر ان جي مسودي ۾ خامين تي اڳواٽ صلاح مصلحت لازمي هئي. هن چيو ته حڪومت سنڌ ي ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ بابت عوامي جاڳرتا مهم هلائڻ لاءِ ويچاري رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌي توڙي قومي ميڊيا کي گهرجي ته اها هن معاملي تي پنهنجو قومي فرض نڀائيندي عوام ۾ ڄاڻ پکيڙي. هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي اديبن، دانشورن ۽ صحافين جا مذاڪرا ڪرائي انهن کي ٻولي جي معاملي تي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته ثقافت کاتي پهريون ڀيرو نامور محقق محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ ٻولي بابت هڪ ڪميٽي تيار ڪئي آهي، جنهن ٻولي بابت پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن ۽ تمام جلد هن ڪميٽي جو هڪ وفد اسلام آباد ۾ وڃي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻولي واري بل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ثقافت بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪري کين ٻولي معاملي جي حساسيت کان آگاهه ڪندي. صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ چيو ته موجوده حڪومت سنڌي ٻولي سميت سمورين ٻولين جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ هر ممڪن ڪوششو ن ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسان ٻولين وچ ۾ ڪنهن به قسم جو تڪرار يا ٽڪراءُ پسند نٿا ڪريون. نامور محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته ٻولي جو معاملو علمي، ادبي يا جذباتي نه پر هڪ قانوني مسئلو آهي، جنهن تي هڪ جامع ڪميٽي جوڙي مڪمل مسودو تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ترقي يافته ٻولي صرف سنڌي ئي آهي، جنهن جي مدد ڪرڻ سان ٻين علائقائي ٻولين کي فائدو پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جا ڪامورا ملڪ ۾ هڪ ٻولي کي قومي ٻولي طور برقرار رکڻ جو خيال رکن ٿا، تنهن ڪري ملڪ جي سمورن اديبن جي قومي ڪانفرنس ڪوٺائي ان معاملي تي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي اتر ۾ ڳالهايون ويندڙ مختلف ٻولين کي بل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته بل جي ڪمزورين کي پڻ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻولي جي معاملي تي سمورين ڌرين جي حمايت لازم بڻجي وئي آهي، تنهن ڪري هن بل جي باري ۾ مڪمل آگاهي ۽ عملدرآمد هر شخص جو فرض آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا تجويز ڏني ته اردو يونيورسٽي جي طرز تي سنڌي يونيورسٽي به قائم ٿيڻ گهرجي. ذوالفقار هاليپوٽي ٻولي بل قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جي ساراهه ڪندي چيو ته بل تي نظرثاني جي ضرورت آهي ۽ ان بابت وڌيڪ تجويزون ۽ سفارشون تيار ڪيون وڃن. ليکڪ انعام شيخ چيو ته ٻولي بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ گڏيل ايڊيٽوريل ۽ ٽي وي چئنلن تي اشتهاري مهم هلائڻ گهرجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ تعليمي ادارن جي سربراهن جون سفارشون پڻ حاصل ڪيون وڃن ته جيئن مٿين سطح تي ان بل ۾ تدريسي ۽ تعليمي پهلو پڻ واضح ٿي سگهي. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته بل جي ڪاميابي يا ناڪامي قومي اسيملي جي ميمبرن تي منحصر آهي، جڏهن ته بل ۾ رهيل ٻولين کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي. نامور شاعر امداد حسيني ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي زيادتين جا ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا آهن، ان ڪري هن وقت سمورين ڌرين جي گڏيل صلاح مصلحت سان ان معاملي کي اڳتي آندو وڃي. مذاڪري ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، حميد سنڌي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، زيب سنڌي، قاضي خادم، تاج جويو، حفيظ ڪنڀر، مهرالنساءَ لاڙڪ، حاڪم علي شاهه بخاري، عبدالغفار صديقي ۽ ٻين پڻ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ٻولي بل جي حوالي سان ويچار ونڊيا ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. بعد ۾ ڊاڪٽر فهيمده حسين مذاڪري ۾ قرارداد پيش ڪندي قومي اسيمبلي ۾ ٻولي بل پيش ڪرڻ تي ايم اين اي ماروي ميمڻ، يوسف غني ٽالپر، غوث بخش مهر ۽ ٻين کي مبارڪ ڏيندي بل جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پارلياماني ڪميٽين تي زور ڀريو ته اهي هن بل جي اتفاق راءِ سان حمايت ڪن. هن اديبن، عالمن، سول سوسائٽي، ميڊيا جي نمائندن، سنڌي ۽ اردو دانشورن تي زور ڀريو ته اهي هن بل بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته اها ٻولي بابت قانون سازي کان اڳ اشتهاري مهم شروع ڪري. هن يونيورسٽين جي سربراهن تي زور ڀريو ته اهي سنڌي کي آفيس ٻولي طور استعمال ڪن.
Awami Awaz
Thursday, July 9, 2009
سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نه؟
سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نه؟
ٻولي قومن جي وجود جي اصطلاح کان وٺي قومي تشخص تائين سڃاتي ويندي آهي، دنيا جهان ۾ انساني فطرت ۽ شعوري سڀيتائون سمورن رنگن ۾ جڏهن به نروار ٿينديون آهن ته ان جو مُک جز زبان ئي ليکي وڃي ٿي. ائين ئي دنيا جي قديمي ۽ تهذيبي ٻولين جيان سنڌي ٻولي به هزار سالن جي قديمي تاريخ، تاريخي پس منظر، قومي ورثي جي اهڃاڻن سان مالامال، ماضيءَ کان وٺي هن وقت تائين رهي آهي ۽ رهندي اچي پئي، سنڌي ٻولي جي واڌاري، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ان جي جوڙجڪ لاءِ جيڪي جدوجهدن جا عڪس جڙيا، اُهي ايلس کان وٺي، سرجان مارشل، جي اين منجقار، ڊاڪٽر ٽرنب ۽ ابوالحسن تائين جيڪڏهن ٻوليءَ جي گهاڙيٽن، ٻوليءَ جي لهجن، ٻوليءَ جي تهذيبي، ڇيدن جو جيڪڏهن ذڪر ايندو ته اُتي هنن ئي علم جي ڏاهن جون خدمتون نمايان نظر اچن ٿيون، ڇو ته سنڌي ٻولي جي جيڪا رسم الخط 17 سؤ عيسوي ۾ ابوالحسن جوڙي ان ئي بنياد تي ابوالحسن ٺٽوي ۽ ضياءَ جي سنڌيءَ کي سامهون رکي ايلس جي ڪميٽي ئي سنڌي ٻوليءَ جو بنياد وڌو، ان جو بنياد ان وقت ظهور پذير ٿيڻ لڳو جڏهن لبيا ۽ جرمن مان ڊاڪٽر ٽرنب شاهه لطيف جو رسالو شايع ڪرايو، حقيقت ۾ ته ڊاڪٽر ٽرنب جو اهو ڪارنامو سنڌ لاءِ ساراهه جوڳو قدم هيو، جو لطيف جهڙي فڪري شاعر کي هن روشناس ڪرايو. جنهن جي شاعريءَ کانپوءِ ٻوليءَ جي وسعت ۽ ٻوليءَ جي معيار ۾ جيڪو اضافو آيو، اهو انتهائي شاندار رهيو. حالانڪه 1854ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آيو پيا جي جوڙڻ لاءِ ايلس جيڪا جدوجهد ڪئي انهيءَ جدوجهد ئي رنگ لاتو جو حروف تهجي به جڙڻ لڳي، حقيقت ۾ سنڌي رسم خط جيڪا جوڙي وئي ان جي جڙڻ سان سنڌي ٻوليءَ جي گهاڙيٽن جي ڄڻ ته راهه کلي پئي، ان وقت ئي 1888ع ڌاري جان جيڪب جيڪو سنڌ اندر ايجوڪيشن جو ڪمشنر هو، ان ئي ڇپائيءَ جون تجويزون پيش ڪيون. ان کانپوءِ واٽن اسٽڪ سنڌي زبان جو جيڪو گرامر جوڙيو ان گرامر کي ئي بنياد بڻائي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ قطب آندو ويو، ان ۾ وسعت ۽ اصلاح سنڌ جي ڏاهي مرزا قليچ بيگ ڪئي. هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جون ڊڪشنريون 1883ع کان 1988ع تائين 90 جي لڳ ڀڳ موجود آهن. جنهن ۾ ابوالحسن جي لغت، جارج اسٽڪ، ميوا رام ملڪاڻي جنهن 25 هزار لفظن تي مشتمل شاندار سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنري جوڙي. تحقيق جو اهو سلسلو ماضيءَ کان وٺي حال تائين هلندو پيو اچي. سنڌي ٻولي، خطرن جي ور تڏهن چڙهڻ لڳي، جڏهن ڌارين جي لوڌ سنڌ ڏانهن رُخ ڪيو ۽ ان جا اثرات اُهي پيا جو، سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ اچڻ لڳو، بگاڙ به ڇونه اچي. ڇاڪاڻ ته دراوڙن جي ديس ۾ آرين، ايرانين، عربن، پورچوگيزن، افغانين، ارغونن ۽ انگريزن جي سنڌ ڏانهن جيڪا يلغار رهي، ان يلغار جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي ٻوليءَ تي نون لفظن ۽ ڌارين ٻولين جو جيڪو غير فطري اثر ٿيڻ لڳو ان ڪري ٻولي پنهنجي حيثيت ۽ روايت ۽ تهذيبي قدرن تي بچائڻ ۾ جستجو ڪندي رهي. ڪيتريون ئي ٻوليون پنهنجو وجود ان ڪري وڃائي ويٺيون جو ڌارين ٻولين جي ڪري جيڪي منفي اثرات پيا ان جو نتيجو اهو نڪتو جو دنيا جي گولي تي هن وقت به ڪيتريون قومون ۽ تهذيبون ڪتابن ۽ تاريخن ۾ ته موجود آهن پر انهن جو وجود ڌرتيءَ جي گولي تي آهي ئي نه!!
تاريخ جي ورقن ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي زبان سڌريل ۽ اوسر ڪيل زبانن مان هڪ قديم زبان آهي، جيڪا 10 هزار ورهين جي تاريخ رکي ٿي. ڏيهه توڙي پرڏيهه جا محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌي زبان ڪنهن به زبان مان نه ڄائي آهي نه نپني آهي. ٻولي قديم تهذيبن جو شاهڪار ليکي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي به انهن قديم ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پنهنجو تاريخي پس منظر رکي ٿي. جڏهن ته انهن قديم ٻولين جو ڇا ٿيندو، جيڪي هن وقت گهٽ ۽ ٻوسٽ واري دؤر ۾ پنهنجي جياپي جي جنگ لڙي رهيون آهن، ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٻولين ۽ تهذيبن سان رکڻ ملڪي رياست جو ڄڻ ته پيشو رهيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ سان ئي قوميت جي بنياد کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. اها انڪاريت ئي ٻولين جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻي. بنگال جو ورهاڱو به ٻوليءَ جو ورهاڱو هيو. اهڙي طرح سان موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ سان ساڳيو ئي سلوڪ ڪيو ويو. حالانڪ برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ 51 ڌاري نهروءَ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ تسليم ڪيو ۽ اندرا گانڌي 67 ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو. ايتري قدر جو ڀارت جي 22 قومي ٻولين ۾ هن وقت به سنڌي ٻولي قومي ٻولي ليکي وڃي ٿي، نه رڳو اهو پر ڀارت جي ٽن کان وڌيڪ يونيورسٽين اجمير، احمدآباد ۽ ممبئي ۾ سنڌيءَ جا شعبا به قائم ڪيا ويا آهن، جتي ايم اي سنڌي کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين پڙهائي وڃي ٿي. جڏهن ته پاڪستان اندر جيڪا ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن کولي وئي، اُتي شروعات ٿي اردو ۽ انگريزي سان ٿي. جڏهن ته سنڌي ٻولي لاءِ صرف 20 منٽ رکيا ويا. نه رڳو اهو پر 51ع کان وٺي هن وقت تائين قومن جي وجود کان اڄ به انڪار ڪرڻ ان عمل کي ناداني چئجي يا دانائي؟ قديم ۽ تهذيب يافته قومن جي قومي ورثن کي ائين پاسيرو ڪرڻ، ان مان لڳي پيو ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جيان اڃا به عقل جي اوڙاهه کان اڳتي نه وڌي سگهي آهي. حالانڪ سنڌ جي صوبائي سرڪار 1972ع ۾ ٻولي ايڪٽ پاس ڪيو، سنڌ جي 56 ساڃاهه وندن ان وقت به ملڪي حڪمرانن کي اپيل ڪئي هُئي ته ٻوليون قومن جي بنياد تي قديمي حيثيت رکنديون آهن. ٻولين کي ڌڪڻ معنيٰ ته پنهنجي تاريخي تسلسل کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ان وقت ڪئي وئي جڏهن ون يونٽ لاڳو ڪري ٻولين جي وجود کي ميسارڻ جي سازش سٽي وئي. ان وقت به سنڌ جي ساڃاهه وندن ٻولي ڪميشن جي گهر ڪئي هُئي، ان جي باوجود به ٻوليءَ کان انڪار ڪيو ويو.
انگريز ممبئي سرڪار نوٽيفڪيشن نمبر 1852ع 6 سيپٽمبر 1851ع تحت سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو، پر افسوس جو ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ان جي حيثيت کسي وئي.
ماضيءَ جي پ پ حڪومت ۾ 72ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ وارو بل پاس ڪيو ويو هو، اڄ به انهيءَ پ پ جي حڪمراني آهي ۽ سنڌ جا چونڊيل نمائنده پنهنجي بل تي عمل ڪرائي سگهندا به يا نه، سنڌ اسيمبليءَ کي ان لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇوته ٻولي هوندي ته سنڌ به هوندي ليکڪ : زاهد راڄپر :
(Courtecy: Daily Ibrat)
