Thursday, July 9, 2009

سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نه؟

سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نه؟


ٻولي قومن جي وجود جي اصطلاح کان وٺي قومي تشخص تائين سڃاتي ويندي آهي، دنيا جهان ۾ انساني فطرت ۽ شعوري سڀيتائون سمورن رنگن ۾ جڏهن به نروار ٿينديون آهن ته ان جو مُک جز زبان ئي ليکي وڃي ٿي. ائين ئي دنيا جي قديمي ۽ تهذيبي ٻولين جيان سنڌي ٻولي به هزار سالن جي قديمي تاريخ، تاريخي پس منظر، قومي ورثي جي اهڃاڻن سان مالامال، ماضيءَ کان وٺي هن وقت تائين رهي آهي ۽ رهندي اچي پئي، سنڌي ٻولي جي واڌاري، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ان جي جوڙجڪ لاءِ جيڪي جدوجهدن جا عڪس جڙيا، اُهي ايلس کان وٺي، سرجان مارشل، جي اين منجقار، ڊاڪٽر ٽرنب ۽ ابوالحسن تائين جيڪڏهن ٻوليءَ جي گهاڙيٽن، ٻوليءَ جي لهجن، ٻوليءَ جي تهذيبي، ڇيدن جو جيڪڏهن ذڪر ايندو ته اُتي هنن ئي علم جي ڏاهن جون خدمتون نمايان نظر اچن ٿيون، ڇو ته سنڌي ٻولي جي جيڪا رسم الخط 17 سؤ عيسوي ۾ ابوالحسن جوڙي ان ئي بنياد تي ابوالحسن ٺٽوي ۽ ضياءَ جي سنڌيءَ کي سامهون رکي ايلس جي ڪميٽي ئي سنڌي ٻوليءَ جو بنياد وڌو، ان جو بنياد ان وقت ظهور پذير ٿيڻ لڳو جڏهن لبيا ۽ جرمن مان ڊاڪٽر ٽرنب شاهه لطيف جو رسالو شايع ڪرايو، حقيقت ۾ ته ڊاڪٽر ٽرنب جو اهو ڪارنامو سنڌ لاءِ ساراهه جوڳو قدم هيو، جو لطيف جهڙي فڪري شاعر کي هن روشناس ڪرايو. جنهن جي شاعريءَ کانپوءِ ٻوليءَ جي وسعت ۽ ٻوليءَ جي معيار ۾ جيڪو اضافو آيو، اهو انتهائي شاندار رهيو. حالانڪه 1854ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آيو پيا جي جوڙڻ لاءِ ايلس جيڪا جدوجهد ڪئي انهيءَ جدوجهد ئي رنگ لاتو جو حروف تهجي به جڙڻ لڳي، حقيقت ۾ سنڌي رسم خط جيڪا جوڙي وئي ان جي جڙڻ سان سنڌي ٻوليءَ جي گهاڙيٽن جي ڄڻ ته راهه کلي پئي، ان وقت ئي 1888ع ڌاري جان جيڪب جيڪو سنڌ اندر ايجوڪيشن جو ڪمشنر هو، ان ئي ڇپائيءَ جون تجويزون پيش ڪيون. ان کانپوءِ واٽن اسٽڪ سنڌي زبان جو جيڪو گرامر جوڙيو ان گرامر کي ئي بنياد بڻائي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ قطب آندو ويو، ان ۾ وسعت ۽ اصلاح سنڌ جي ڏاهي مرزا قليچ بيگ ڪئي. هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جون ڊڪشنريون 1883ع کان 1988ع تائين 90 جي لڳ ڀڳ موجود آهن. جنهن ۾ ابوالحسن جي لغت، جارج اسٽڪ، ميوا رام ملڪاڻي جنهن 25 هزار لفظن تي مشتمل شاندار سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنري جوڙي. تحقيق جو اهو سلسلو ماضيءَ کان وٺي حال تائين هلندو پيو اچي. سنڌي ٻولي، خطرن جي ور تڏهن چڙهڻ لڳي، جڏهن ڌارين جي لوڌ سنڌ ڏانهن رُخ ڪيو ۽ ان جا اثرات اُهي پيا جو، سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ اچڻ لڳو، بگاڙ به ڇونه اچي. ڇاڪاڻ ته دراوڙن جي ديس ۾ آرين، ايرانين، عربن، پورچوگيزن، افغانين، ارغونن ۽ انگريزن جي سنڌ ڏانهن جيڪا يلغار رهي، ان يلغار جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي ٻوليءَ تي نون لفظن ۽ ڌارين ٻولين جو جيڪو غير فطري اثر ٿيڻ لڳو ان ڪري ٻولي پنهنجي حيثيت ۽ روايت ۽ تهذيبي قدرن تي بچائڻ ۾ جستجو ڪندي رهي. ڪيتريون ئي ٻوليون پنهنجو وجود ان ڪري وڃائي ويٺيون جو ڌارين ٻولين جي ڪري جيڪي منفي اثرات پيا ان جو نتيجو اهو نڪتو جو دنيا جي گولي تي هن وقت به ڪيتريون قومون ۽ تهذيبون ڪتابن ۽ تاريخن ۾ ته موجود آهن پر انهن جو وجود ڌرتيءَ جي گولي تي آهي ئي نه!!



تاريخ جي ورقن ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي زبان سڌريل ۽ اوسر ڪيل زبانن مان هڪ قديم زبان آهي، جيڪا 10 هزار ورهين جي تاريخ رکي ٿي. ڏيهه توڙي پرڏيهه جا محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌي زبان ڪنهن به زبان مان نه ڄائي آهي نه نپني آهي. ٻولي قديم تهذيبن جو شاهڪار ليکي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي به انهن قديم ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پنهنجو تاريخي پس منظر رکي ٿي. جڏهن ته انهن قديم ٻولين جو ڇا ٿيندو، جيڪي هن وقت گهٽ ۽ ٻوسٽ واري دؤر ۾ پنهنجي جياپي جي جنگ لڙي رهيون آهن، ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٻولين ۽ تهذيبن سان رکڻ ملڪي رياست جو ڄڻ ته پيشو رهيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ سان ئي قوميت جي بنياد کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. اها انڪاريت ئي ٻولين جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻي. بنگال جو ورهاڱو به ٻوليءَ جو ورهاڱو هيو. اهڙي طرح سان موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ سان ساڳيو ئي سلوڪ ڪيو ويو. حالانڪ برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ 51 ڌاري نهروءَ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ تسليم ڪيو ۽ اندرا گانڌي 67 ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو. ايتري قدر جو ڀارت جي 22 قومي ٻولين ۾ هن وقت به سنڌي ٻولي قومي ٻولي ليکي وڃي ٿي، نه رڳو اهو پر ڀارت جي ٽن کان وڌيڪ يونيورسٽين اجمير، احمدآباد ۽ ممبئي ۾ سنڌيءَ جا شعبا به قائم ڪيا ويا آهن، جتي ايم اي سنڌي کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين پڙهائي وڃي ٿي. جڏهن ته پاڪستان اندر جيڪا ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن کولي وئي، اُتي شروعات ٿي اردو ۽ انگريزي سان ٿي. جڏهن ته سنڌي ٻولي لاءِ صرف 20 منٽ رکيا ويا. نه رڳو اهو پر 51ع کان وٺي هن وقت تائين قومن جي وجود کان اڄ به انڪار ڪرڻ ان عمل کي ناداني چئجي يا دانائي؟ قديم ۽ تهذيب يافته قومن جي قومي ورثن کي ائين پاسيرو ڪرڻ، ان مان لڳي پيو ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جيان اڃا به عقل جي اوڙاهه کان اڳتي نه وڌي سگهي آهي. حالانڪ سنڌ جي صوبائي سرڪار 1972ع ۾ ٻولي ايڪٽ پاس ڪيو، سنڌ جي 56 ساڃاهه وندن ان وقت به ملڪي حڪمرانن کي اپيل ڪئي هُئي ته ٻوليون قومن جي بنياد تي قديمي حيثيت رکنديون آهن. ٻولين کي ڌڪڻ معنيٰ ته پنهنجي تاريخي تسلسل کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ان وقت ڪئي وئي جڏهن ون يونٽ لاڳو ڪري ٻولين جي وجود کي ميسارڻ جي سازش سٽي وئي. ان وقت به سنڌ جي ساڃاهه وندن ٻولي ڪميشن جي گهر ڪئي هُئي، ان جي باوجود به ٻوليءَ کان انڪار ڪيو ويو.



انگريز ممبئي سرڪار نوٽيفڪيشن نمبر 1852ع 6 سيپٽمبر 1851ع تحت سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو، پر افسوس جو ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ان جي حيثيت کسي وئي.



ماضيءَ جي پ پ حڪومت ۾ 72ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ وارو بل پاس ڪيو ويو هو، اڄ به انهيءَ پ پ جي حڪمراني آهي ۽ سنڌ جا چونڊيل نمائنده پنهنجي بل تي عمل ڪرائي سگهندا به يا نه، سنڌ اسيمبليءَ کي ان لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇوته ٻولي هوندي ته سنڌ به هوندي ليکڪ : زاهد راڄپر  :


(Courtecy: Daily Ibrat)



سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نه؟

Saturday, February 28, 2009

سنڌي ٻولي زندهه باد

سنڌي ٻولي زندهه باد


ڪوئي چوي يا نه چوي، ڪوئي مڃي يا نه مڃي، پر سنڌي ٻولي، قومي ٻولي آهي ۽ ضرور آهي. ڪنهن ٻولي کي قومي ٻولي هجڻ وارو تاريخي پسمنظر اسان جي ٻوليءَ کي حاصل آهي. انهيءَ ڪري اسان جي ٻولي قومي ٻولي آهي، قومي ٻولي هئي ۽ مستقبل ۾ به قومي ٻولي ضرور رهندي.


اها قوم جنهن کي پنهنجي ڌرتي هجي، درياهه هجي، پنهنجي تمدن هجي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجو ڪلچر هجي، پنهنجون ريتيون، رسمون ۽ پنهنجو لوڪ ادب ۽ پنهنجي ٻولي هجي ماڻهن جي انهيءَ وڏي تعداد کي جنهن کي پنهنجو هڪ الڳ سماج ۽ معاشرو هجي ”قوم“ چئجي ٿو.


گهڻيون ذاتيون گڏجي قوم ٺاهينديون آهن، سڀني جو هڪ سماج هڪ معاشرو ۽ هڪ ئي ٻولي هوندي آهي ۽ هڪ قوم جي ماڻهن ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي ويندڙ ٻوليءَ کي ئي قومي ٻولي چئجي ٿو. ٻولي ۽ قومي ٻوليءَ جي لاءِ اهو به ضروري آهي ته اها لکي ۽ پڙهي وڃي ان کي پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجا اکر ”الفابيٽ“ پنهنجي الف-ب هجي ۽ پنهنجو گرامر به هجي.


جيڪڏهن انهن نشانين، اهڃاڻن ۽ پسمنظر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پرکي ڏسبو ته اهي سڀئي ضروري ۽ گهربل شيون اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي آهن، تنهن ڪري اسان سنڌي ٻولي قومي ٻولي آهي هئي ۽ رهندي.


هڪڙا قانون تاريخي هوندا آهن، ٻيا قانون فطري ۽ قدرتي هوندا آهن. تاريخي ۽ فطري قانونن موجب اسان جي ٻولي قومي ٻولي آهي. تاريخي حوالي سان سنڌي ٻولي هڪ وڏي سماج ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي، هڪ ملڪ جي سماج جي ٻولي آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخي پسمنظر ۾ سنڌ ڪنهن صوبي يا علائقي جو نالو نه هو، سنڌ هڪ ملڪ جو نالو هو. باقاعدي سنڌ، حڪومت ۽ سلطنت جو نالو هو، ان کي پنهنجون راڄ ڌانيون ۽ پنهنجي حڪومت هئي، پنهنجي فوج ۽ پنهنجي ڪرنسي، پنهنجو سِڪو، پنهنجي عدليه ۽ پنهنجو نظام حڪومت هو ۽ سنڌ ملڪ جي سڄي معاشري ۾ سنڌي قوم ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سنڌي هئي. ان ڪري تاريخي ۽ تمدني قانون موجب سنڌي ٻولي قومي ٻولي هئي ۽ هاڻي به تاريخي قانون موجب، سنڌي ٻولي قومي ٻولي برقرار آهي.


فطري ۽ قدرتي قانون موجب ڌرتيءَ جي وڏي حصي تي آباد ماڻهن جو وڏو تعداد جن کي پنهنجو درياهه هجي، ڌرتي هجي جياپي جا وسيلا هجن جتي اُهي پنهنجو سماج جوڙي رهن. ماڻهن جي انهيءَ وڏي تعداد کي قوم چئجي ٿو ۽ انهن جي باهمي ٻولي جيڪا جنمن کان مادري ٻولي بڻجي هلي اها انهن جي مادري ۽ قومي ٻولي آهي. انهيءَ حوالي سان فطري ۽ قدرتي طور به سنڌي ٻولي اسان جي قومي ٻولي آهي، هئي ۽ رهندي.


باقي هڪڙو قانون بچي ٿو اهو آهي ماڻهن جو هٿ جو ٺاهيل قانون جيڪو پني تي لکيو ۽ پني تي پڙهيو وڃي ڪنهن ملڪ جي حڪمرانن طرفان ڪو آرڊر پاس ڪري ان تي صحيح ڪري سرڪار طرفان ڪنهن ڳالهه کي تسليم ڪري حڪم نامو جاري ڪرڻ. انهيءَ ڪاغذي قانون ۾ اڃا اسان جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ وارو حڪم نامو ڪو نه جاري ڪيو آهي. انهيءَ جا به ڪيئي سبب آهن. انهن مان وڏو سبب اهو آهي جو اسان جي ملڪ تي شروع واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آمراڻي حڪومتن جو تسلط گهڻو رهيو آهي. پاڪستان جي سموري عمر جا تقريبن ٽي حصا هن ملڪ تي آمريت مسلط رهي آهي ۽ سا به گهڻي تڻي مارشل لائي آمريت جيڪا هميشه ٻولي ۽ لسانيت جي حوالي سان سازشي ۽ تعصبي حڪمراني رهي آهي.


اهڙن آمر دورن ۾ هميشه سرڪاري، درٻاري ۽ لشڪري ٻولين جي حمايت ۽ سرپرستي ٿيندي رهي آهي، مرڪز جي نالي ۾ هميشه صوبن جا حق محدود ۽ غضب ڪيا ويا آهن. انهيءَ ڪري صوبن ۾ ڳالهايون پڙهيون ۽ لکيون ويندڙ ٻولين کي علائقائي ٻولين جي زمري ۾ آڻي انهن جا حق، حق سمجهي نه پر صرف خيرات ۽ زڪوات سمجهي ڏنا ويا آهن.


اهوئي سبب آهي جو اسان جي ٻولي سرڪاري طرح قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل نه ڪري سگهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو سرڪاري طرح قومي ٻولي نه ٿيڻ جو هڪ ٻيو اهم سبب هي به آهي جو اسان جي قومپرست دوستن هميشه اتحاد جي اهميت کي نظرانداز پئي ڪيو آهي. ڌڙابنديءَ جو شڪار هجڻ سبب اسان ڪا به موثر يا سنجيده تحريڪ هلائي نه سگهيا آهيون جنهن سان اسان پنهنجي قوم، ٻولي، وطن ۽ ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات يا حفاظت ڪري سگهيا هجون. اتحاد ته کوڙ ٺهيا، جڙيا پر اهي جٽادار اتحاد ثابت ڪو نه ٿي سگهيا. بس ڪجهه وقت جي لاءِ نشستن ۽ پوءِ جلد ئي برخواستن جو شڪار بڻجي ويا. اسان جا دوست پنهنجي پنهنجي مورچي تي بيٺا سنڌ جي حقن لاءِ صدائون ته ڏيندا رهن ٿا، گهوڙا گهوڙا به گهڻي ڪندا رهن ٿا، پر ڇڙوڇڙ هجڻ جي ڪري وڃي ٿي ڌرتي پيرن مان کسڪندي.


بهرحال ڪوئي مڃي يا نه مڃي اها سندس مرضي پر حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ کي سلامت رکڻ جي لاءِ اسان جي قومپرست ڌرين کي پنهنجون ڏيڍ سر واريون مسيتيون هڪ پاسي ڪري پنهنجو قبلو درست ڪري سن جي سائينءَ طرف ڪرڻو پوندو ۽ انائن جا بت ڀڃي ڀورا ڪرڻا پوندا نه ته پوءِ ”واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪاڏي ويا“.


بهرحال هاڻي دور سٺو آهي، حڪومت به سنڌي جي آهي، سنڌي ماڻهن جي آهي، سنڌ راڻيءَ جي خون جي تمام مهانگي قيمت ادا ڪري وجود ۾ آئي آهي. هن سنڌي حڪومت کي موقعو نه وڃائڻ گهرجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وزيراعظميٰ واري دور ۽ ممتاز علي ڀٽي جي وزيراعليٰ واري وقت جي پيش رفت اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ جلد سنڌي ٻوليءَ کي بل پاس ڪري قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو حڪم نامو جاري ڪرڻ گهرجي.


سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن اهڙي تحريري مهم هلائي هزارين بلڪه لکين ڪارڊ ۽ دستخط ملڪ جي صدر جناب آصف علي زرداريءَ ڏي ايوان صدر جي ايڊريس تي موڪليا آهن. هاڻي صدر مملڪت جو قومي فرض ٺهي ٿو ته هو سنڌ ڌرتيءَ جو ڄائو آهي ۽ هو پنهنجي ٻوليءَ لوليءَ جو حق تسليم ڪري جيجل جي ٿڃ ملهائي بنا تاخير جي سنڌي ٻولي، قومي ٻوليءَ جو حڪم نامو جاري ڪري.


آثار ٻڌائين ٿا ته سنڌ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جون هي سالن جون صدائون ۽ رائگان نه وينديون ۽ اجهو ڪي اجهو سنڌ ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جا فضائن ۾ نعرا گونجي ويندا. هي عوامي دور آهي، جمهوري دور آهي، سنڌ جو دور آهي. سنڌ راڻيءَ جو دور آهي، هن ئي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي ضرور پنهنجا حق حاصل ٿيندا ۽ خوشيون پلئه پونديون.


سنڌي ٻولي زندهه باد


قومي ٻولي زندهه باد.

Saturday, February 21, 2009

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟


سنڌي ٻولي قديم ٻولين مان هڪ تهذيب يافته ۽ شاهوڪار ٻولي رهي آهي. ادب، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن جي لحاظ کان سنڌي ٻولي قديم توڙي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آهي، جنهن جي مڪمل اسڪرپٽ يعني رسم الخط آهي. سنڌي چئنل آهن، سنڌي پرنٽنگ پريسون آهن، ادبي حوالي سان سنڌي ٻولي جا نظم توڙي نثر جي هر صنف جا لکين ڪتاب آهن ۽ هر نظم ۽ نثر جي هر صنف تي قديم ۽ جديد لکڻيون موجود آهن. موسيقي جي حوالي سان سنڌي ٻولي کي 30 سُر ۽ 33 راڳڻيون آهن. ڊراما، قصا، داستان سنڌي ٻولي جي قديم روايت آهي. هن جديد زماني ۾ سنڌي ٻولي اهي سموريون خاصيون موجود آهن، جيڪي دنيا ۾ ترقي يافته ٻولين ۾ موجود آهن. سنڌي ٻولي جو مڪمل سافٽ ويئر آهي. انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي پڙهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي جا قاضي قاضن، ڀاڳو ڀان، شاهه ڪريم بلڙي وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان ويندي شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جهڙا شاعر آهن، جنهن کي دنيا جي ڪلاسيڪل ادب جي تخليقڪارن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ ڪيئي سفرناما لکيل آهن، جيڪي دنيا جي عڪاسي ڪن ٿا. تاريخي حوالي سان دنيا جي ٽن قديم تهذيبن مان هڪ مڪمل تهذيب جي سنڌي ٻولي کي حيثيت حاصل آهي، جنهن جو مثال موهن جو دڙو ۽ لاکين جو دڙو موجود آهن. هن چٽا ڀيٽي جي جديد دنيا ۾ حڪومت جي بي ڌياني باوجود اسان جا ادارا جديد دؤر جي نئين تخليقن جي ڊوڙ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. تعليمي، تحقيق، زراعت توڙي ٻين شعبن ۾ سنڌي ٻولي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.


جان اسٽورن ۽ مين ڊرائيڪ جي 2001ع جي هڪ سروي موجب ڏکڻ ايشيا ۾ 20 ملين ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، جن ۾ اڍائي ملين ماڻهو انڊيا جا شامل آهن. پاڪستان ۾ 14 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ پاڪستان ۾ ٽيون نمبر وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻولي آهي. ڀارت ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي کي پڻ قومي ٻولي جو درجو مليل آهي، جتي عربي رسم الخط ۽ ديوناگري رسم الخط ۾ لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي، سنڌي اخبارون ۽ ڪتاب پڻ شايع ٿين ٿا. پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي مادري زبان (قومي ٻولي) ۽ سرڪاري طور قرار ڏنل آهي. سنڌ ۾ 12 لک هندن جي مادري ٻولي سنڌي آهي. سنڌ کانسواءِ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ 2,13,62000 ٻه ڪروڙ، 13 لک 62 هزار ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، جن ۾ انڊيا، اومان، فلپائن، سينگاپور، يونائيٽيڊ ڪنگڊم، يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا شامل آهن. جتي سنڌي ٻولي ڪڇي، لاڙي، لاسي، سريلي، وچولي لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. تاريخي حوالي سان اسان ڏسنداسين ته سنڌو ماٿري تي آباد دراوڙن ۽ آرين جي حملي کان اڳ ۾ پڻ سنڌي ٻولي کي ترقي يافته هئڻ جي حيثيت حاصل آهي، پر دنيا ۾ بادشاهن جي حڪمراني ۽ حملن کانپوءِ حڪمرانن جي ڪشمش ۽ تاريخ جي ورقن کي ورجائينداسين ته سنڌي ٻولي کي سڀ کان پهرئين بمبئي سرڪار سرڪيولر نمبر 1825ع جي تاريخ 6 سيپٽمبر 1851ع تي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته سنڌ ۾ سنڌي ئي سرڪاري لکپڙهه، انتظامي ڪاروباري ۽ رڪارڊ جي زبان سنڌي ٻولي ئي هوندي.


جنهن کانپوءِ 1959ع کان سرڪاري طور سنڌ ٻولي جا ترجما ٿيا ۽ ان تي نه صرف سنڌ اسيمبلي اهڙي ڪم تي توجهه ڏيارڻ نظر ۾ رکيو پر مرڪزي برطانوي هند سرڪار جي ايڪٽ (Act) کي پڻ نظر ۾ رکي سنڌي ادب تي ڪم ڪيو. 1873ع ۾ سنڌي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا ترجما ٿيا ۽ ڇپيل هند سرڪار جي انڊين ڪانٽريڪٽ جي ناياب سنڌي ڪتابن جو ترجمو هٿ ڪيو ويو ۽ ان کي دستاويزي شاهدي طور ٻيهر شايع ڪيو ويو. انهي زماني ۾ هند سرڪار هدايت ڪئي ته سڀ آفيسر انگريز توڙي پرڏيهي ڪامورا روزمره واري سنڌي ٻولي جي ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ان لاءِ لازمي طور سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪن. ان وقت سنڌ جو انتظامي سربراهه ڪمشنر هو ۽ صوبو بمبئي هو، جنهن جو سربراهه گورنر هو.


اهڙي صورتحال 1857ع کان وٺي 1936ع تائين رهي. بعد ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي الڳ صوبي جي حيثيت ۾ وجود ۾ آيو، ٻنهي دورن ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي ٻولي پڻ سنڌ ۾ دفتري ۽ انتظامي ٻولي رهي. 1859ع کان وٺي 1948ع ۽ ان کانپوءِ آزادي واري دؤر ۾ 1955ع تائين صوبائي سرڪار ٻولي جي تقاضا کي پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 834 قاعده ۽ قانون سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا، جن ۾ 525 نقطا انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا. 1859ع کان 1948ع تائين جي دؤرن ۾ 184 ۽ آخر واري دور ۾ 91 ايڪٽ (Act) سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيا. انگريزن جي دور ۾ هند سرڪار اهو ضروري سمجهيو ته مرڪزي قاعدن ۽ قانون کي پڻ انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو وڃي، جنهن سان صوبي ۽ مرڪز ۾ مفاهمت وڌي، جنهن جو هڪ نمايان ايڪٽ 1872ع جو سنڌي ۾ ترجمو آهي، جيڪو انگريزي ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ هڪ سال اندر ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان وقت سرڪاري مشينري ۾ ڇپائي شروع نه ٿيڻ باوجود سنڌي ترجمي کي وڏي احتياط سان ڪاتب کان لکرائي سهڻي نموني ليٿو ڇپرايو ويو. ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي ٻولي ۽ اڳوڻي سرڪار جي ڪارڪردگي کي مد نظر ۾ رکي موجوده حڪومت کي پڻ سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي ادبي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ گهرجي. نه صرف ترجمو ڪرائڻ گهرجي پر وفاقي سطحي تي سنڌي ۽ ٻين صوبائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي هر ٻولي کي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخي حوالي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ان جي لاءِ سنڌ جي چونڊل ايم پي ايز، ايم اين ايز توڙي وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ايوانن ۾ قانون سازي ڪرائي صوبن کي احساس محرومين کان بچايو وڃي، جنهن جي لاءِ موجوده مفاهمتي واري ۽ اتحادي سرڪاري ڪم ڪري سگهي ٿي. واگهومل ميگهواڙ (Daily Ibrat)