Monday, February 28, 2011

ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي:سڃاهه وند


ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي:سڃاهه وند



حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اديبن، شاعرن، ساڃاهه وند سياسي ۽ سماجي قومپرست اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي سميت ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سنڌي ٻولي کي سنڌ صوبي ۾ سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جلد ئي اقتدار ڌڻين جي اسلام آباد وارن ايوانن سامهون احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. ڪالهه سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي اولڊ ڪيمپس کان نڪتي جيڪا حيدرآباد پريس ڪلب وٽ پهچي جلسي واري صورت اختيار ڪري وئي، ريلي ۾ اديبن، دانشورن، سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،




جيڪي سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ نعريٰ هڻي رهيا هئا. پريس ڪلب سامهون جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌي ٻولي جو مسئلو قومي مسئلو آهي، سنڌي قوم پنهنجي وجود، ثقافت ۽ ٻولي جي بقا لاءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي. سنڌ سيو موومينٽ جي چيئرمين سيد شاهه محمد شاهه چيو ته سنڌي ادبي سنگت 0 6 9 1 ع جي ڏهاڪي ۾ تحريڪ هلائي ون يونٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، اڄ ان سنڌي ٻولي لاءِ تحريڪ شروع ڪئي آهي، جيڪا پنهنجو مقصد ماڻي انجام تائين ضرور پهچندي ۽ سنڌي ٻولي صرف سنڌ جي نه پر ملڪ جي قومي ٻولي هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن ٻولين وارو بل اسيمبلي مان پاس نه ڪرايو ته عوام جي حمايت سان کين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ايس ٽي پي جي اڳواڻ مظفر ڪلهوڙو چيو ته سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتون ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ حڪمرانن جي ايوانن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سيد عالم شاهه چيو ته سنڌي عوام مطالبو نه پر فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، جيڪڏهن حڪمرانن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏياريو ته سنڌي ٻولي جي ذريعي حڪمرانن کي شڪست ڏني ويندي ۽ سنڌي ٻولي جي ٽڪيٽ رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي چونڊن ۾ عوام ڪامياب ڪندو. عوامي جمهوري پارٽي جي چيئرمين ابرار قاضي چيو ته پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي عوام کي خواهش هئي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ملندي، پر رياست مسلسل ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي کي پوئتي ڌڪيو وڃي. ريلي ۾ جسقم اڳواڻ مسرور ٿيٻو، جسمم اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال خان، جسقم اڳواڻ سرور سهتو، قاسم آباد ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ محبوب ابڙو، فضل قادر ميمڻ، دليپ دولتاني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

Saturday, February 26, 2011

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي ته 38 سال گذرڻ باوجود سرڪاري ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڪرڻ واري قانون تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو آهي. عدالت اِهو حڪم اقبال ڪاظمي نالي شهري جي درخواست تي جاري ڪيو آهي. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 251 موجب پاڪستان جي قومي ٻولي اردو آهي ۽ ان سان صوبا علائقائي ٻولي پڻ ڪتب آڻي سگهندا آهن.

عرضدار موجب سال 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي کي لازمي طئي ڪرڻ وارو قانون پاس ڪيو هو جنهن تي گورنر صحي ڪئي ۽ سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس طفيل ايڇ ابراهيم جي اڳواڻي ۾ بئنچ جي سامهون اڱاري تي ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عرضدار اقبال ڪاظمي عدالت کي ٻڌايو آهي ته هُن ايڪٽ موجب سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ نوڪري جي لاءِ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ لازمي آهي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ميران محمد شاهه کان پڇيو ته ڇا سنڌي ٻولي ايڪٽ تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي جنهن جو جواب داخل ڪرڻ جي لاءِ ان وقت گهريو. عدالت کيس چئن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ميران محمد شاهه ٻڌايو آهي ته سنڌ ٻولي ايڪٽ جي شيڊول موجب قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ سنڌي ٻولي کي 4 هين ڪلاس کان 12 هين ڪلاس تائين لازمي ڪرڻو هو. سندس موجب هن تعليم واري سيڪيٽري کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته ان قانون تي عمل ٿيو آهي يا نه ۽ چيف سيڪيٽري پاليسي ٺاهڻ وارو آهي ان کان راءِ طلب ڪئي وئي آهي ۽ ان به وقت گهريو آهي.

1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ جڏهن سندس سؤٽ ممتاز ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن سنڌي ٻولي کي صوبائي حڪومت جي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو هو. جنهن تي هڪ اردو اخبار ۾ ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“ جي عنوان سان ڪالم شايع ٿيو جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ لساني وڳوڙ شروع ٿيا ويا هئا ۽ ڪيترا ئي ماڻهون ناحق مارجي ويا هئا.

سياسي تجزيه نگار جي اين مغل موجب ان صورتحال کانپوءِ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو اردو سنڌي دانشورن کي اسلام آباد گهرايو هو. سنڌي وفد جي اڳواڻي شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ڪري رهيا هئا جڏهن ته اردو اديب رئيس امروهي جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي جن سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي مان ترميمي قانون پاس ڪيو ويو جنهن کي سنڌي ٻولي ايڪٽ ٽو چئبو آهي.

جي اين مغل چيو آهي ته ڳالهين ۾ اِهو طئي ڪيو ويو هو ته اردو ٻولي سان ڪجهه نه ڪيو ويندو. اردو ٻولي سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي به لازمي مضمون جي طور تي پڙهائي ويندي ۽ صوبي جي سرڪاري ٻولي سنڌي هوندي. پر ڀٽو جو حڪومتي دور ختم ٿيڻ کانپوءِ ان تي عمل نه ڪيو ويو.

سنڌ ۾ قومپرستن جو پراڻو مطالبو آهي ته سنڌي کي سرڪاري ٻولي جي طور تي لاڳو ڪيو وڃي. هلندڙ سال 17 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو ته سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ٻولي جي طور تيپڙهايو ويندو.
( Courtesy Shia Dost Forum)
هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ٻولي لازمي طئي ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪندڙ اقبال ڪاظمي 12 مئي واري سانحي جي درخواست پڻ داخل ڪري چُڪو آهي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته جيڪا معاملا ۽ وڳوڙ آهن انهن جي لاءِ هُن عدالت جو در کڙڪائڻ ضروري ڇو سمجهيو ته اقبال ڪاظمي چيو ته 70 واري ڏهاڪي ۾ لسانيت جو لاڙو هوندو هو پر هاڻي قوم هڪ آهي. سندس موجب اسانجي حڪومت قانون تي عمل ڪونه ڪري سگهي آهي انڪري هن عدالت جو در کڙڪايو آهي.

Monday, February 21, 2011

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو


            اسان جي سنڏي قوم هڪ قديم قوم آهي جنهن جي پنهنجي ٻولي ثقافت زندگيءَ جي رهڻ سهڻ جا پنهنجا طور طريقا آهن سنڌي قوم سان گڏ انهن جي ٻولي به قديم ٻولي آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو بل رد ڪيو ويو آهي هن بل جي جن مخالفت ڪئي انهن سڀني کي سنڌ واسين ٽي وي چينلن تي ڏٺو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوندو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي هئڻ جو درجو هئڻ گھرجي ڇو جو اها سنڌ واسين جي پياري ٻولي آهي جنهن شاهه لطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، مصري شاهه شيخ اياز نياز همايوني يوسف شاهين وغيره جھڙا شاعي اديب آهن سنڌي ٻولي رڳو سنڌ ۾ نٿي ڳالهائي وڃي پر پوري دنيا ۾ جتي به سنڌي آهن اتي ڳالهائي وڃي ٿي . جيئن ته سنڌي ٻولي لطيف جي ٻولي آهي هر سنڌ واسي جي ٻولي آهي ان کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي هن وقت جيڪي خانگي اسڪول آهن انهن ۾ ڪافي اهڙا اسڪول آهن جتي سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي جڏهن ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو قانون پاس ٿيل آهي سنڌي ٻولي جي لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا آهن پر سنڌي ٻولي اڄ به قائم ۽ دائم آهي اها سدائين قائم رهندي جيستائين سنڌي آهن سنڌي ٻولي جي جيون لاءِ اسان جي سنڌي جوڌن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن سنڌي ۾ ووٽر لسٽ ڇپايو ۽ ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي انهن ۾ سنڌين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌي ٻولي جي ترقي جو دور سمن ۽ ڪلهوڙن جي دور کي چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪئي ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌي ٻولي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا سنڌي ٻولي جي جاءِ تي فارسي کي رائج ڪيو ويو پر وري به سنڌي ٻولي سوڀاري ٿي اڄ به سنڌي ٻولي قائم ۽ دائم آهي جيئن ته اردو رابطي جي ٻولي آهي جيڪا مختلف ٻولين جي ملڻ سان ٺهي آهي سنڌ صوبي جي قومي ٻولي سنڌي آهي اسان جي سنڌي ٻولي کي جيڪا انگريز جي دور ۾ ترقي ملي اها ٻي ڪنهن دور ۾ نه ملي ان وقت جي ڪمشنر اهو حڪم صادر ڪيو ته سنڌي ٻولي سکو ڳالهايو سنڌي ٻولي پڙهو باقاعده هنن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي جو درجو ڏنو سنڌي ٻولي جي رسم الخط ٺاهي . تازو روزاني ڪاوش ۾ هڪ مضمون مون پڙهيو جيڪو معلوماتي هو اهو هتي آئون ڪاوش جي ٿورن سان ڏيئي رهيو آهيان جيڪو بدين جي محمد خان سمون لکيو آهي جيئن اسان جي سنڌين جي علم ۾ اضافو ٿئي اٺين صدي عيسوي ۾ سياح عالم اچاريا ادوتن سورا شٽر جي درٻار مان سنڌ ۽ سنڌي زبان جي تحقيق لاءِ سنڌ ۾ آيو هن ڪوليا مالها ڪٿا ۾ سنڌ ۽ سنڌي شاعرن جي ساراهه ڪئي منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباري جي زماني ۾ هڪ عرب عالم جيڪو پڻ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو هو تنهن پهريون دفعو قرآن شريف جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو سومرا دور ۾ عربي سان گڏ سنڌي ٻولي کي سڳتي وڌڻ جو موقعو مليو مسلمان سنڌي عالم عربي سان گڏ سنڌي به لکندا هئا پير صدرالدين جيڪو ايران جو هو جنهن سنڌي ٻولي جي الف ب ٺاهي جنهن ۾ چاليهه اکر هئا جنهن کي چاليهه اکري چئجي ٿو يارهين ٻارهين صدي ۾ ڍٽي جي عالم مخدوم ابو الحسن سنڌي کي رسم الخط ڏني جنهن کي ابو الحسن واري سنڌي چئجي ٿو 1843 ع انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو 1851ع ۾ تڏهن سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئير هڪ سرڪاري حڪم ذريعي سڀني آفيسرن کي سنڌي سکڻ ۽ اهڙو امتحان پاس ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو هڪ مقرره رسم الخط ضرور سمجھي ويئي جنهن جي لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنهن 1853ع ۾ موجوده سنڌي جي رسم الخط تيار ڪئي 29 آگست 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر هڪ حڪم نامو جاري ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي قرار ڏنو اهو به حڪم صادر ڪيو ته جيڪڏهن ڪو فارسي ۾ درخواست لکي ته ان سان گڏ ان جو متن سنڌي ۾ لکي 1882ع ۾ تعليم کاتي جي طرفان هڪ سنڌي اخبار جاري ڪئي ويئي 1942ع ان دور جي حڪومت سنڌي ٻولي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو جنهن جو نالو بورڊ آف ايڊوانسمينٽ آف سنڌي لٽريچر هو جو بنياد رکيو جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ نالي سان سڃاتو ويو جيڪي هتي انگريز هئا انهن سنڌي ٻولي جي حيثيت کي سڃاتو ان کي دفتري ٻولي طور رائجھ ڪيو اڄ سنڌي ٻولي اها حيثيت نه آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي اسان چئون ٿا سنڌي ٻولي سان گڏ پشتو سرائيڪي پنجابي ۽ بلوچي کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي بشڪريه روزاني ڪاوش حيدرآباد پهرين فيبروري 2011ع اسان کي مثي ڏنل مضمون مان اها خبر پوي ٿي انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت هئي اڄ جڌهن صوبي ۽ وفاق ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي ته پوءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نٿو ڏنو وڃي اسان کي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي اسان اها گھر ڪيون ٿا ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي اها دفترن ۾ رائج ڪئي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي پڙهايو وڃي جيڪي اسڪول نٿا پڙهائين ته انهن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌي ٻولي جي مضمون کي اسڪولن جي اندر پڙهائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جيڪا سنڌي ادبي سنگت جدوجهد ڪئي اها ڪنهن کان لڪل نه آهي اسان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي:  خادم گھراڻو


Tuesday, February 15, 2011

سنڌي ٻولي قومي ٻولي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي

قومي ٻولي جو مسئلو پاڪستان ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شروع ٿيو هو، جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ جذباتي ڏي وٺ کان پوءِ ڪانگريس اهو اعلان ڪيو هو ته اسان جو ملڪ جدا ٿيڻ کان پوءِ ڀارت جي قومي ٻولي ”هندي“ ٿيندي ۽ قائداعظم ان وقت اهو سياسي بيان ڏنو هو ته پاڪستان قائم ٿيو ته ان جي قومي ٻولي ”اردو“ ٿيندي. قائداعظم جي ان وقت تصور ۾ به ڪو نه هو ته ڪو ايترا ماڻهو پاڪستان ۾ اردو ڳالهائڻ وارا ويندا جو اتي ٻولي اردو ڳالهائي ويندي. هي هڪ سياسي بيان هو جنهن جي ڪابه اهميت ڪانه هئي ۽ پوءِ اهو هڪڙو اتفاق ٿيو جو بنا ڪنهن اصول جي بنا ڪنهن طئي ٿيل معاملي جي، اردو ڳالهائڻ وارا وڏي تعداد ۾ هتي ڪاهي آيا ۽ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. 1940ع جي ٺهراءَ ۾ اهو چيو ويو هو ته جيڪي به مسلم اڪثريت جا علائقا پاڪستان ۾ شامل ٿيندا اهي خود مختيار رياستون هونديون. جڏهن خودمختيار رياستن وارو اهو ٺهراءُ عمل ۾ اچي ها ته جيڪي به هن وقت صوبا آهن پاڪستان ۾ انهن جون ٻوليون به خود به خود قومي ٻوليون بڻجن ها. ڇاڪاڻ ته انهن سمورن صوبن ۾ رهندڙ ماڻهو قوم هجن ها.

 

خودمختيار رياستون هجن ها ته اهي قوم هجن ها، قومي ٻولي قوم جي ئي ٿيندي آهي جيڪا قوم آهي ان جي ٻولي از خود قومي ٻولي آهي، پر پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٻه قومي نظريو ٻڌايو ويو. يعنيٰ ٻه قومون هڪڙي هندو قوم ۽ ٻي مسلمان قوم ۽ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته انهن چيو ته هي ملڪ مسلمان قوم جو آهي تنهن جي ڪري هيءَ هڪڙي قوم آهي ۽ هندو ٻي قوم آهي. پاڪستان ۾هڪڙي قوم آهي تنهن جي ڪري انهن جي قومي ٻولي هڪ ٿيندي. اڄ تائين اهو اصول سڀني آئينن ۾ رهندو ٿو اچي ته پاڪستان هڪڙي قوم آهي هڪڙي قوم جو ملڪ آهي تنهن ڪري هڪڙي قوم جي ٻولي هڪڙي ٿيندي جيڪا اردو آهي، جنهن کي انهن تسليم ڪيو. 1973ع جي آئين ۾ به ايئن ئي چيل آهي ته اردو ٻولي قومي ٻولي آهي. انهيءَ جي ڪري اها بنيادي طور هڪڙي غلطي ٿيندي اچي پئي ۽ قومي ٻولين جو جيڪو مسئلو آهي سو انهيءَ ڪري حل نه ٿي سگهيو آهي. اوهان کي اها خبر آهي ته اسان جي نياڻي ماروي ميمڻ اسان جو هيرو يوسف ٽالپر ۽ غوث بخش مهر جن سنڌ اسيمبلي ۾ بل آندو آهي.

 

اسان جي خالد محمود سومري سينيٽ ۾ بل آندو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته اهو اسان جو بل منظور ٿيندو، ان کي منظور ٿيڻ لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کپي پنجاب انهي ڪري مخالفت ڪندو ان جا ميمبر اسان کي ووٽ نه ڏيندا جو انهن کي سرائڪي ٻولي ۽ سرائڪي صوبي جو ڊپ آهي ڇو ته سرائڪي ٻولي قومي ٻولي ٿي سگهي ٿي ۽ سرائڪي صوبو به ٺهي سگهي ٿو، تنهن بعد اردو وارا مهاجر انهي ڪري ووٽ نه ڏيندا جو انهن جي ٻولي قومي ٻولي مڃيل آهي ۽ انهن جي هڪ هٽي آهي تنهن جي ڪري هو نه رڳو ووٽ نه ڏيندا پر ڪجهه وقت پوءِ اوهان ڏسندا ته ان جي ميڊيا سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي ڪيئن دليل ڏيندا، منطق پيش ڪندا ۽ هر قسم جي مخالفت جو منهن ڏسڻو پوندو.

 

بلوچستان ۽ سرحد جي پوزيشن اها آهي جو اوهان ڏٺو هوندو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته ارسا جو جيڪو اجلاس ٿيو ان ۾ سنڌو ندي جي پاڻي جي ورڇ تي ۽ ڪالاباغ ڊيم تي جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته سرحد وارا ۽ بلوچستان وارا خاموش رهيا. انهن اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي اها آهي پوزيشن. ڇا ان بل تي ووٽ ملندا. ان لاءِ اسان کي ووٽ گهرجن.

 

هاڻي اچون ٿا پيپلز پارٽي تي پيپلز پارٽي جو هڪڙو 1973ع جو قانون شهيد بينظير ڀٽو قائد جو تنهن ۾ اها شيءِ لکيل آهي/درج ٿيل آهي ته اردو قومي ٻولي آهي، تنهن کان پوءِ انهن جي پاليسي مفاهمت جي آهي، هنن جي پاليسي رهندي ۽ ان ڪري پيپلز پارٽي وارا به ووٽ نه ڏيندا. تنهن جي ڪري دوستو اها اميد نه رکو ته اوهان جو بل سينيٽ ۾ يا قومي اسيمبلي ۾ پاس ٿيندو.

 

57-1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو مسئلو اٿاريو هو ۽ تڏهن کان وٺي اهو معاملو هلندو ٿو اچي تنهن جي ڪري آئون مايوسي واري ڳالهه ڪونه ٿو ڪيان منهنجو اهو ايمان آهي. اسين قوم آهيون پختون به قوم آهي بلوچ ۽ پنجابي به قوم آهن. انهن جون ٻوليون به قومي زبانون آهن. فقط تسليم ڪرڻ جو معاملو آهي ته اهو ڪڏهن به تسليم نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته اسين پاڪستان رهون ٿا، جتي ڪوبه قائدو قانون ڪونه ٿيندو آهي ڪابه آئين جي پوئواري ڪانه ٿيندي آهي. ڪنهن به بحث مباحثي جي ضرورت ڪانهي فقط اهو آهي ته پاڪستان گهڻ قومي رياست ناهي، پر هڪڙي قوم رهي ٿي، هتي سڀ مسلمان قوم آهي. پاڪستان جي قوم هڪڙي آهي. ٻولي اسان جي هڪڙي آهي اسان جو ڪنهن ٻولي سان وير ڪونهي پر جيڪا ٻولي ٻين ٻولين جو استحصال ڪري اها ٻولي جيڪا آهي تنهن سان اسين تصادم ۾ اچي سگهون ٿا. بشرط اسان ۾ سگهه هجي پر اسان ۾ اها سگهه ناهي. ڳالهيون ته اسان ڪيون ٿا پر اڄ تائين اسان ڪابه پلاننگ ناهي ڪئي ۽ ڪا سگهه به نه آهي ته پوءِ اسان اهڙي ڳالهه ڇو ڪريون. جيڪا شيءِ ممڪن ئي ناهي اها ڪهڙي نموني سان ٿئي؟

 

ان تي ته ڪير سوچي ڪونه ٿو، جيڪڏهن فقط اسان چئون ته هيئن ٿئي، سو اسان جي خواهشن سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ پنهنجي طرفان جاڳرتا ڪري رهي آهي جيڪو تمام سٺو عمل آهي. کيس کيرون لهڻي جو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي ساڻ ڪانفرنسون، گڏجاڻيون ڪري رهي آهي ڪوشش ڪرڻ به سٺو عمل آهي. ان کان سواءِ سينيٽر خالد محمود سومري، يوسف ٽالپر، ادي ماروي ميمڻ ۽ غوث بخش مهر کي به شاباس هجي جو انهن آواز اٿاريو ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم جاڳي جدوجهد ڪري پنهنجا حق حاصل ڪري. ٻي صورت ۾ پوءِ وقت ويندو نڪري ۽ پوءِ ويلُ وقت واپس ناهي ايندو.

نور محمد خاصخيلي

(Courtesy: Awami Awaz)